خان قلات جو قلعو

خـان قـلات جـو قـلـعـو: هـيءُ قـلـعـو جيڪب آباد ۾ انگريز جنرلجان جيڪب جي ريزيڊنسي جي آسپاس واقع هو، جنهن ۾ قلات جي خان جو حفاظتي دستور مقرر ٿيل هو. انهيءَ قلعي کي ’ميري‘ پڻ چيو ويندو هو. سردين جي موسم ۾ خان آف قلات خان خداداد خان هن قلعي ۾ اچي رهندو هو. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ هيءُ قلعو آهستي آهستي ڦٽي ويو. خان آف قلات جي پاليل ڪبوترن لاءِ خاص طور ٺهيل هڪ ڪوٺي اڄ به هتي نظر اچي ٿي، جنهن جي مرمت وغيره ڪرائي هن عمارت کي محفوظ ڪيو ويو آهي. انگريزن جي زماني ۾ هتي ڊپٽي ڪمشنر جي ريزيڊنسي ايجنسيءَ جي پراڻي ڪچي عمارت جي جاءِ تي موجوده پڪي عمارت تعمير ڪرائي ويئي، جنهن ۾ جنرل جان جيڪب جي هٿن جي ٺهيل هڪ تلوار ٻه ڪرسيون ۽ هڪ نرالو گهڙيال اڄ به موجود آهن. هيءُ گهڙيال وقت سان گڏ انگريزي مهينن جي تاريخن سان گڏ چنڊ جون تاريخون به ڏيکاريندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو